ايلي ڪاٽ علي گوهر

ايلي ڪاٽ علي گوهر

ايلي ڪاٽ علي گوهر

ايلي ڪاٽ علي گوهر: ايلي ڪاٽ علي گوهر جي والده انگريز دور ۾ ليڊي ڊفرن اسپتال ۾ ميڊيڪل سپرنيٽڊيٽ هئي ۽ سندس پيءُ آرٿر سڊني ڪاٽ (Arthur Sydney Acott) حـيـدرآبـاد ۽ مـيـرپورخاص جو ڪليڪٽر هو. ايلي ڪاٽ جي والده جا منشي محمد علي جي گهر واريءَ سان تمام سٺا تعلق هئا، هن کي اولاد نه پئي ٿيو، هڪ ڀيري اشرف شاهه جي پڙ مان ماتمي جلوس پئي آيو ته هن ڊاڪٽرياڻيءَ سڀني کي دعا گهرندي ڏسي پاڻ به پنهنجي اولاد لاءِ دعا گهري، انهيءَ سال کيس پٽ ڄائو، جنهن کان پوءِ هي پاڻ ۽ پنهنجي پٽ ايلي ڪاٽ کي محرم جي ڏهاڙن ۾ ڪارا ڪپڙا پارائيندي هئي. اڳتي هلي انهيءَ ايلي ڪاٽ اسلام قبول ڪيو ۽ پنهنجو نالو علي گوهر ڪاٽ رکيائين. هي ايڪسائيز انسپيڪٽر آف سنڌ به رهيو. اشرف شاهه جي پڙ، قدم گاهه مولا علي ۽ ٻين هنڌن جتي به مجلس ٿيندي هئي ته ايلي ڪاٽ پاڻ اتي وڃي شريڪ ٿيندو هو، اڪثر وقت اشرف شاهه جي پڙ ۾ گذاريندو هو. هن اشرف شاهه جي درگاهه کي ٺهرايو ۽ اتان پاڻ ذوالجناح سينگاري ماتمي جلوس جو انتظام ڪندو هو ۽ نياز به ڪندو هو. هي نماز ۽ تهجد جو سخت پابند هوندو هو. جوانيءَ ۾ هڪ دفعو لنڊن ويو، جتي سندس پيءُ سندس شادي ڪرائي هئي، جنهن مان کيس ٻه پٽ ۽ هڪ ڌيءَ جو اولاد ٿيو. ڪجهه عرصي کانپوءِ هي حيدرآباد ۾ اچي رهائش پذير ٿيا. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جڏهن سڀ انگريز آفيسر موٽي لنڊن ويا، تڏهن هن جي پيءُ ۽ زال به موٽي هلڻ لاءِ ضد ڪيو، آخرڪار هن جي انڪار بعد علي گوهر ڪاٽ جو پيءُ، زال ۽ ٻار کانئنس ناراض ٿي لنڊن هليا ويا.
علي گوهر ۽ سندس ماءُ هتي رهي پيا، علي گوهر جي والده جلد وفات ڪئي، جنهن کي حيدرآباد جي گورا قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. ان کان پوءِ علي گوهر اشرف شاهه جي پڙ کي اچي وسايو ۽ عزاداريءَ ۽ ماتمي جلوس منعقد ڪرائيندو هو، هن جولاءِ 1970ع ۾ وفات ڪئي ته کيس اشرف شاهه جي درگاهه ۾ ئي دفن ڪيو ويو. اهو پڙ پاڪستان ٺهڻ کان وٺي هاڻي اشرف شاهه جو پڙ نه پر ’ايلي ڪاٽ جو پڙ‘ سڏبو اچي، اهو پڙ حيدرآباد جي پڪي قلعي جي صدر دروازي جي ڀر ۾ موجود آهي، جتي اڄ به عزاداريءَ جو سلسلو جاري آهي.


لفظ ايلي ڪاٽ علي گوهرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو